دوستي پبليڪيشن

دوستي پبليڪيشن: سليٽ (سنگت لئبرري اينڊ ٽرانزئڪٽ ايجوڪيشن) جي اشاعتي شعبي، دانشگاهه آشرم، ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد پاران، جولاءِ 2001ع کان ٽه ماهي ’دوستي مئگزين‘ جي شروعات ڪئي وئي، جنهن جو ايڊيٽر نوجوان شاعر آسي زميني، اسسٽنٽ ايڊيٽر ايڊووڪيٽ علي احمد نظاماڻي ۽ ٻانهن ٻيلي صوفي شوڪت مقرر ٿيا، جڏهن ته ايڊيٽوريل بورڊ تي ڊاڪٽر علي نواز نظاماڻي، دوست علي، غلام رسول نظاماڻي، اشفاق احمد نظاماڻي ۽ موهن مدهوش مقرر ڪيا ويا.
دوستي مئگزين جا چار پرچا نڪتا، جن ۾ چونڊ شاعري، انٽرويو، لطيفيات، ايازيات، مضمون (هڪ خاص مضمون هر پرچي ۾ تصوف بابت)، ڪهاڻيون، ڪتابن سان ملاقات (تبصرا) وغيره شامل آهن.
دوستي پبليڪيشن‘ جي مقصدن ۾ لائبررين ڏانهن لاڙو پيدا ڪرڻ، غير نصابي سرگرمين کي زور وٺائڻ، تعليمي مسئلن ۾ مدد ڪرڻ، ادب دوستن جو حلقو وڌائڻ، ۽ ’انسان شناسيءَ‘ جا لاڙا پيدا ڪرڻ هو. محترم آسي زمينيءَ، پنهنجي وسيع لائبرري هن اداري جي حوالي ڪري ڇڏي. اڳتي هلي ’دوستي پبليڪيشن‘ جو سلسلو بند ٿي ويو، البت دوستي پبليڪيشن ۽ سليٽ اشاعت گهر پاران درجن کن مختلف موضوعن تي ڪتاب شايع ڪرايا ويا، جن ۾ اڪثريت شاعريءَ جي ڪتابن جي آهي.


لفظ دوستي پبليڪيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو